رتيديري ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، عورت قتل

رتوديرو(ن ع آ) رتوديرو ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ سومر واهڻ ۾ چنا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ چٽيءَ جي پيسن تان جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ فائرنگ  ٿيڻ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 50 ورهين جي عورت حاجل زال رجب علي چنو قتل ٿي وئي پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال کڻائي آئي جتان ضروري ڪارروائي پوري ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي مقتولا عورت جو لاش پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻ ملي آهي ته ڪجھ وقت اڳ چنا ۽ مرکياڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿيو هيو جنهن ۾ مرکياڻي برادري مٿان پوندڙ چٽيءَ جي رقم ملڻ تي چنا برادري جي ٻن ڌرين ۾ رقم جي ورهاست تان پاڻ ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن تان واقعو پيش آيو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين رتوديرو ٿاڻي تي واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ٿي ڪو نه سگھيو هيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.