ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ٻارڙي کي اغوا۽ زيادتي کان پوءِ قتل ڪرڻ واري ڪيس جي جوابدارامجدعلي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي .عدالت جوابدار جي سزابرقرار رکيو آهي .ماتحت عدالت جوابدار تي الزام ثابت ٿيڻ تي ڦاسي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي .پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار 2فيبروري 2018ع جو سکن جي علائقي مان 8سال جي ٻارڙي کي اغواڪري زيادتي کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو هو .
ڀارتي فوجين وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو
سرينگر (م ڊ) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ضلعي اسلام آباد ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي جاري ڪارروائين ۾ وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فوجين نوجوانن کي ضلعي جي علائقي گڊول ڪوڪرناگ ۾ گذريل ڏينهن 7 ڏينهن به جاري فوجي ڪارروائي جي دوران شهيد ڪيو.