ڪراچي/لاڙڪاڻو (نمائندا/م ڊ) سيپڪو چيف جي هدايتن تي سپريٽيڊنٽ انجنيئر سيپڪو سرڪل لاڙڪاڻو مظفر کهاوڙ جي اڳواڻيءَ ۾ سيپڪو عملي بجلي چورن ۽ رهتون ادا نه ڪندڙ صارفين خلاف شهر جي چانڊڪا سب ڊويزن ۽ شيخ زيد سب ڊويزن جي سچل ڪالوني، غريب آباد سميت مختلف علائقن ۾ آپريشن ڪري 200 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽا ڪري بجلي جا 3 ٽرانسفارمر لاهي سچل ٿاڻي تي ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪراي آهن جڏهن ته بجلي چوري ڪندڙ هڪ ڄڻي کي سچل ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، هوڏانهن بجلي چورن سان سهڪار ڪرڻ سميت ٻين مختلف الزامن تي پيسڪو جي 300 کان وڌيڪ اهلڪارن جي بدلي ڪئي وئي آهي جن ۾ لائين مين ، ميٽر ريڊرز سميت مختلف شعبن جو ٽيڪنيڪل عملو شامل آهي. پيسڪواختيارين مطابق هاڻي تائين 600 کان وڌيڪ ايف آءِ آرز درج ٿي چڪيون آهن جڏهن ته بجلي چورن تي 09 ڪروڙ 85 لک رپين کان وڌيڪ جو ڏنڊ لڳايو ويو آهي، ليسڪو ريجن ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن 13هين ڏينهن به جاري رهيو. ليسڪو ترجمان گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ته 13هين ڏينهن آپريشن دوران سڀني سرڪلز ۾ 445 ڪنڪشنز بجلي چوري ۾ ملوث ڏٺا ويا. 445 بجلي چورن خلاف ايف آءِ آرز جون درخواستون لاڳاپيل ٿاڻن ۾ داخل ڪرايون ويون