سنڌ اسيمبلي جون 34 گاڏيون گم، ايڊيشنل سيڪريٽري مٿان ايف آءِ آر نه ٿي

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) سنڌ اسيمبلي جون34 سرڪاري گاڏيون آسمان ڳهي ويو يا زمين کائي وئي ، مامرو ڳجهارت بڻجي ويو، جڏهن  ته 24 گم ٿيل سرڪاري گاڏين جو الزام ايڊيشنل سيڪريٽري مٿان هجڻ سميت 5 گاڏيون ڪراچي مان ڦرجڻ ۽5 گاڏيون لاپتا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي گم ٿيل سرڪاري گاڏين بابت اسيمبلي جي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند پاران گڏ ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ اسيمبلي مان 34 سرڪاري گاڏيون گم آهن جن مان 24 سرڪاري گاڏيون اسسٽنٽ سيڪريٽري ايڊمن پڻ ريسيو ڪيون هيون پر اهي به لاپتا ظاهر ڪيون ويون آهن جن ۾ گاڏي نمبر اي زيڊ جي 340 ايڪسلائي ماڊل 2012،گاڏي نمبر اي زيڊ جي 343 ايڪسلائي ماڊل 2011،گاڏي نمبر اي زيڊ جي341 ايڪسلائي ماڊل 2012،گاڏي نمبر بي سي ايف 885 ايڪسلائي ماڊل2011 ،گاڏي نمبر بي ايل ڊي 324 ايڪسلائي ماڊل 2016،گاڏي نمبر جي ايس 9344 ايڪسلائي ماڊل 2011،گاڏي نمبر جي ايس 95 59 ايڪسلائي ماڊل 2009،گاڏي نمبر جي ايس اي 354 ايڪسلائي ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس اي 356 ايڪسلائي ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس اي 358 ايڪسلائي ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس اي 360 ايڪسلائي ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس اي361 ايڪسلائي ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس 7171 سيلون ماڊل 2004،گاڏي نمبر جي ايس7584 ايڪسلائي ماڊل 2004،گاڏينمبرجي ايس9059 ايڪسلائي ماڊل2011،گاڏي نمبر 9056 ايڪسلائي ماڊل2011،گاڏي نمبر جي ايس 9068 ايڪسلائي ماڊل2011 ،گاڏي نمبر جي ايس اي 362 ايڪسلائي ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس 9075 ايڪسلائي ماڊل2011، گاڏي نمبر جي ايس 9131 ڪور نمبر اي سي 7769 ايڪسلائي ماڊل2011،گاڏي نمبر جي ايس 9307 ايڪسلائي ماڊل2011،گاڏي نمبر جي ايس 9320 ايڪسلائي ماڊل2011،گاڏي نمبر جي ايس 885 ڪرولا سيلون ماڊل2016۽گاڏي نمبر جي ايس 5290 نشان پڪ اپ ماڊل 1993 شامل آهن. سنڌ اسيمبلي جون 5 سرڪاري گاڏيون جيڪي ڪراچي جي مختلف هنڌن مان ڦر ٿيل ڄاڻايون ويون آهن انهن جو پڻ هن وقت تائين پتو ناهي ان سلسلي ۾ اي سي ايل سي کي پڻ لکيو ويو آهي جنهن هن وقت تائين ڪنهن به قسم جي  اڳڀرائي رپورٽ ناهي ڏني. رپورٽ ۾ گم ٿيل گاڏين بابت ايڊيشنل سيڪريٽري ايس ايم حسن شاهه کي ذميوار قرار ڏيندي مٿس ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جنهن جي اسپيڪر طرفان پڻ منظوري ڏني وئي پر اها رپورٽ سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي ايم عمر فاروق جي منظوري جي منتظر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.