ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جي ٻئي مرحلي ۾ ڊالر هٿ ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا گڏجي گهرن تي ڇاپا هڻندا. سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ ذخيرو ڪيل ڊالرن جي برآمدگي لاءِ ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا گڏجي ڪارروائي ڪندا. ذريعن موجب، ايڪسچينج ڪمپنيز کان حاصل ڪيل ڊيٽا جي مدد سان سموري مُلڪ ۾ گهرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حساس ادارن کي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ ادارن وٽ مافياز جي گهرن ۾ ڊالر ذخيرو ڪرڻ جا جوڳا اطلاع مليا آهن. حساس ادارن غير معمولي انگ ۾ ڊالرز ذخيرو ڪندڙن جي فهرست به حاصل ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب، ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا گهرن تي ٽارگيٽڊ ڪارروائي ڪندا، جنهن کانپوءِ گهرن ۾ ڊالر لڪائڻ وارن کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو.