ڪارو ناڻو روڪڻ ۽ معاشي مضبوطي لاءِ ڊجيٽل ڪرنسي آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) مُلڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪاري ناڻي کي روڪڻ، رُپئي جي  مُلهه کي بهتر بڻائڻ ۽ مختلف قسم جي ادائيگين لاءِ حڪومت ڊجيٽل ڪرنسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊجيٽل ڪرنسي جي قدر پاڪستاني رُپئي جي برابر هوندي جيئن چين جي ڊجيٽل ڪرنسي جو هڪ يونٽ چيني يوآن جي برابر آهي ۽ ان فيصلي کي اسٽيٽ بئنڪ جي مڪمل حمايت حاصل آهي. اِها پيپر ڪرنسي جيان ليگل ٽينڊر يعني حڪومتي ضمانت جي بنياد تي جاري ٿيندي، ڊجيٽل ڪرنسي جي تياري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڏس ۾ ماهرن جون خدمتون به حاصل ڪيون پيون وڃن. ان لاءِ سينٽرل بئنڪ ڊجيٽل ڪرنسي ( سي بي ڊي سي ) جي نالي سان هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي لاڳت ۽ ٻين عملن جو جائزو وٺي رهيو آهي ته جيئن هر رخ کي نظر ۾ رکيو وڃي ۽ ڊجيٽل ڪرنسي شروع ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن قسم جي کوٽ يا خرابي باقي نه رهي. رٿا اِها آهي ته هوريان هوريان ان کي جاري ڪيو وڃي ۽ ڪاغذي نوٽن جو واهپو گهٽايو وڃي، آخر ۾ نوي سيڪڙو ڊجيٽل ڪرنسي جو استعمال ٿيندو ۽ ڪاغذي نوٽن جو رڳو ڏهه سيڪڙو انگ رهجي ويندو، اِهو به صرف ان لاءِ جو جيڪڏهن ڪو وڏو مسئلو ٿي وڃي ته متبادل ڪرنسي موجود هجي، سسٽم بلڪل جامد ( بيهي) نه وڃي. ڊجيٽل ڪرنسي شروع ڪرڻ سان ڪاغذي نوٽ ڇاپڻ، انهن کي مختلف شهرن ۽ ٻهراڙين تائين حفاظت سان پهچائڻ تي ايندڙ لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ گڏوگڏ پراڻن نوٽن کي ختم ڪرڻ وارو عمل تي ايندڙ خرچ به گهٽجي ويندو. ٻئي پاسي نوٽ ڇپجي ورهائجي ويندا آهن پر ڪٿي ۽ ڪنهن مقصد ۾ استعمال ٿيندا آهن اِهو پتو ناهي پوندو پر ڊجيٽل ڪرنسي نظام ۾ ڪرنسي ذريعي ڪئي ويندڙ ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ هوندو، جيئن رڳو ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ جي جي ڊبل انٽري رڪارڊ ڪيپنگ نه ٿيندي پر هڪ ٽين مڪمل رڪارڊ مينٽينگ ٿيندي، ائين مانيٽري پاليسي جو بهتر ۽ اثرائتو طريقو لاڳو ٿي سگهندو.

عام واهپي جي شين جا اگهه ڪنٽرول نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ عام واهپي جي  شين جي قيمتن کي  ڪنٽرول ڪرڻ  لاءِ ايڊوڪيٽ طارق منصور جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي .مڪاني کاتي جو سيڪريٽري  پيش نه ٿيڻ تي 10هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو .جسٽس عرفان سعادت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته عدالت جي حڪم تي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويندا .عدالت چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٻڌائين ته پرائسنگ ڪورٽس  ٺاهڻ ۾ ڪيتري اڳپرائي ٿي آهي ،وڪيل چيو ته عدالتون نه ٺاهيون ويون آهن ، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 12آڪتوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .درخواستگذار چيو ته کير سميت ٻين شين جا اگهه  ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن.ڪراچي جي ڪمشنر سميت ٻين کي ڇاپن جو اختيار نه آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.