لاهور(پ ر)پنجاب سان واسطو رکندڙ اڳوڻي ايم اين اي ۽ مشھور سماجي اڳواڻ روبينا شاهين وٽو پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آھي.روبينا شاهين وٽو بلاول ھائوس لاھور ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ روبينا شاهين وٽو پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرميب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.ملاقات جي موقعي تي اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به موجود هو.روبينا شاهين وٽو پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان منظور وٽو جي نياڻي آهي.روبينا شاهين وٽو پاڪستان بچايو پارٽي جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي چونڊي وئي ھئي.روبينا شاهين وٽو جو ڀاءُ جهانزيب احمد خان وٽو پڻ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر رهي چڪو آهي.