رونالڊو جي تهران ۾ لينڊنگ،چاهيندڙن جو سمنڊ اُٿلي پيو

تهران ( ويب ڊيسڪ ) سعودي فٽبال ڪلب النصر جي ٽيم اي ايف سي چيمپئينز ليگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايران پهچي وئي جتي ڪرسٽيانو رونالڊو جي مداحن ٽيم کي قابلي جي صورت ۾ هوائي اڏي کان هوٽل پهچايو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ليجنڊ فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جا مداح سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن، جڳ مشهور پرتگالي فٽبالر ويجهڙائي ۾ سعودي فٽبال ڪلب النصر ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ سندس رهائش به سعودي عرب ۾ ئي آهي.

سعودي فٽبال ڪلب النصر جي ٽيم اي ايف سي چيمپئينز ليگ ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ رونالڊو پنهنجي ٽيم سان گڏ تهران پهتو، پنهنجي پسنديدا فٽبالر جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ هزارين ايراني هوائي اڏا تي پهچي ويا.

ان موقعي تي مداحن کي النصر جون ٽي شرٽ پهريل هيون ۽ هٿن ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو جون تصويرون هنيون، مداحن طرفان فٽبالر مٿان گل به ڇٽيا ويا، شديد نعريبازي ڪئي وئي.

هزارن جي انگ ۾ مداحن قافلي جي صورت ۾ پنهنجي پسنديدا فٽبالر کي هوائي اڏي کان هوٽل پهچايو، روڊ رستن کي بئنرن ۽ جهنڊين سان سجايو ويو هو.

ياد رهي ته اي ايف سي چيمپئينز 23-2024 جي شروعات اڄ ٿيندي، افتتاحي مقابلي ۾سعودي جي النصر ۽ ايراني ڪلب ٽيم پرسيپوليس آزادي اسٽيڊيم ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.