لاهور (ويب ڊيسڪ) ميشا شفيع جي خلاف علي ظفر جي ساک کي نقصان رسائڻ واري دعويٰ تي سيشن ڪورٽ لکت حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ۽ ساک کي نقصان رسائڻ جي دعويٰ تي وڌيڪ ڪارروائي 30 سيپٽمبر تائين متلوي ڪري ڇڏي.
لاهور جي سيشن عدالت گلوڪارا ميشا شفيع جي خلاف علي ظفر جي ساک کي نقصان رسائن جي دعويٰ تي لکت حڪم جاري ڪيو آهي.
ايڊيشنل سيشن جج خان محمود گذريل ٻڌڻي جو لکت حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وڪيل ميشا شفيع جي بيان تي ٻِيهر آڏي پچا جي درخواست ڏني، ميشا شفيع جي درخواست جي ڪاپي علي ظفر جي وڪيلن کي ڏني وئي آهي، ۽ علي ظفر جي وڪيلن جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گھري آهي.
عدالت ساک کي نقصان رسائڻ واري دعويٰ تي وڌيڪ ڪارروائي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته گلوڪار علي ظفر تي جنسي طور هراسان ڪرڻ جا الزام لڳائڻ تي ميشا شفيع جي خلاف ساک کي نقصان رسائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائي وئي آهي.
You might also like