اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جا انتظامي معاملا تيزيءَ سان هلائڻ لاءِ آفيسرن جو واٽس ايپ گروپ جوڙي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جا معاملا تيزيءَ سان هلائڻ لاءِ چيف جسٽس متحرڪ آهي.
ذريعن موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي انتظامي آفيسرن جو واٽس ايپ گروپ جوڙي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته واٽس ايپ گروپ ۾ رجسٽرار، ايڊيشنل رجسٽرارز، ڊپٽي رجسٽرارز کي شامل ڪيو ويو آهي، اهو گروپ سپريم ڪورٽ جا معاملا تيزيءَ سان هلائڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي.
You might also like