پاڪستان مان ملائيشيا ويندڙن لاءِ وڏي سهولت

ملائيشيا جي باٽڪ ايئر لائن پاڪستانين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، ايئر لائن پاڪستان ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائيندي ڪراچي لاءِ به سڌي ريت اڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ملائيشيا جي باٽڪ ايئر ڪراچي کان ڪوالالمپور وچ ۾ هفتيوار ٽي اڏامون هلائيندي، جڏهن ته ايئر لائن ايندڙ مهيني 31 آڪٽوبر کان ڪوالالمپور ڪراچي وچ ۾ سڌي ريت اڏامون شروع ڪري رهي آهي.
ايئر لائن جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملائيشيا جي باٽڪ ايئر لائن جي اڏام او ڊي 135 ڪوالالمپور ان هر اڱاري، خميس ۽ ڇنڇر جي رات پوڻي 8 وڳي ڪراچي لينڊ ڪندي.
انهن ٽنهي ڏينهن دوران ڪراچي مان اڏام او ڊي 136 رات پوڻي 9 وڳي ڪوالالمپور لاءِ رواني ٿيندي.
ان کانسواءِ ايئر لائن شاگردن ۽ وڏن گروپن لاءِ خاص رعايتي پيڪيج جو به اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.