لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بي بي وي ويجهي دوست فرحت شهزادي ۽ سندس مڙس احسن جميل جگر جي نالي ڪروڙين رپين جي زمينن جو انڪشاف ٿيو آهي.
اينٽي ڪرپشن فرحت شهزادي جي ملڪيتن جا وڌيڪ تفصيل حاصل ڪري ورتا، جنهن ۾ فرحت شهزادي ۽ سندس مڙس احسن جميل گجر جي نالي ڪروڙين رپين جي زمينن جو انڪشاف ٿيو، ايراضي جو رڪارڊ مقرري ۽ بدلي جي انڪوائري ۾ حاصل ڪيو ويو.
اينٽي ڪرپشن جو چوڻ آهي ته فرحت شهزادي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زمينون خريد ڪيون، بهاولپور ۾ سندس نالي تي 8 پلاٽ نڪتا.
اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب گوجرانوالا ۾ احسن جميل گجر ۽ فرحت شهزادي جي نالي تي 6 پلاٽ سامهون آيا، ملڪيتون ڪرپشن مان حاصل ڪيل پئسن سان ٺاهيون ويون.
You might also like