برطانيا ۾ چنڊن نوجوانن جي فهرست جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستانين ميدان ماري ورتو، نوجوانن جي اڪثريت نه ته ملازمت تي آهي ۽ نه ئي تعليم حاصل ڪري رهي آهي.
برطانوي حڪومت طرفان چنڊن نوجوانن جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ پاڪستان ڄاوا برطانوي نوجوان نه تعليم ۽ نه ئي نوڪري ۾ اڳتي آهن.
برطانوي حڪومت جي سالياني سروي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته برطانيا ۾ 16 کان 24 سالن جي پاڪستان ڄاول نوجوانن جي اڪثريت نه ته ملازمت تي آهي ۽ نه تعليم حاصل ڪري رهي آهي.
سروي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته برطانيا ۾ سراسري طور ساڍا 11 سيڪڙو نوجوان نه ته ڪنهن تعليم ۽ تربيتي پروگرام جو حصو آهن ۽ نه ئي ڪنهن روزگار سان جڙيل آهن.
رپورٽ موجب انهن نوجوانن ۾ سڀ کان وڌيڪ شرح پاڪستان ڄاول نوجوانن جي آهي، جيڪا 14.3 سيڪڙو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like