چمبل يا سورياسس چمڙي جي اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ جسم جي ڪنهن به حصي تي ٻن کان پنجن سينٽي مينٽرن تائين گول يا ڪنهن نقشي جيان نشان يا داغ ٿيندا آهن، جيڪي اڇا، ننڍا ۽ ڪنهن ڇِلڪي جيان ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جسم جي جنهن حصي تي اهي ٿيندا آهن اهو حصو هلڪو سڄيل به هوندو آهي ۽ انهن جو رنگ ڳاڙهي به ٿي وڃي ٿو، ڪيترائي ڀيرا اتان خارس ڪندي رت به نڪري ايندي آهي.
سولي سنڌيءَ ۾ چئجي ته چمبل جي بيماري ڏسڻ ۾ گوبي جي گلن جهڙي لڳندي آهي، اها ڄنگهن، پيرن، هٿن، پُٺي ۽ چهري سميت وات تي به ٿيندي آهي، ڪيترو به ميڪ اپ ڪجي ان بيماري جي نشانن کي لڪائي نٿو سگهجي.