برطانيا، آمريڪا ۽ آسٽريليا جا لاڳاپا به ڀارت سان خراب ٿيڻ جو امڪان

ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل جي معاملي تي ڀارت جا رڳو ڪئناڊا ئي نه پر آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا سان به لاڳاپا خراب ٿيڻ جو امڪان آهي.

ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته ڪئناڊا اهو معاملو پنهنجي اتحادي ملڪ آمريڪا ۽ برطانيا سان به اٿاريو آهي.

جسٽن ٽروڊو چيو ته هن آمريڪي صدر جو بائيدن ۽ برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ سان ڳالهايو آهي.

برطانوي هڪومت جي هڪ ترجمان جو چوڻ هو ته ڪينيڊين وزيراعظم جا الزام سنگين آهن ۽ برطانيا ان معاملي تي ڪينيڊا سان رابطي ۾ آهي.

بترجمان جو چوڻ هو ته ڪينيڊين حڪومت طرفان وڌيڪ جاچ کان پوءِ ئي ان معاملي تي ڪو تبصرو ڪري سگھبو.

بي بي سي جي مذهبي معاملن جي ايڊيٽر عليم مقبول موجب جسٽن ٽروڊو جي الزامن جو هڪ پس منظر آهي. ڀارت سکن جي حوالي سان ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ برطانيا تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. انهن ٽنهي ملڪن ۾ سکن جي وڏي آبادي آهي.

مقبول موجب آسٽريليا ان تي جواب ڏنو ته هو پنهنجي زمين تي هندو مندرن جي بي حرمتي جي معاملي جو جائزو وٺندو، پر سکن کي خالصتان معاملي تي پنهنجي راءِ جي اظهار کان نه روڪيندو.

ڀارت سکن طرفان پنهنجي آزاد ملڪ جي مطالبي کي ”سک انتهاپسندي“ قرار ڏيندو آهي.

ڀارتي ميڊيا ڪجهه ڏينهن اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته رشي سونڪ سکن جي معاملي تي مودي کي سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي پر نئين صورتحال سامهون اچڻ بعد ڇا ٿيندو اهو اڃا واضح ناهي.

جو بائيڊن ۽ جسٽن ٽروڊو ويجها اتحادي آهن.

ڀارت جي خلاف جسٽن ٽروڊو جي بيان ۾ سڀ کان سخت ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجي زمين تي هڪ ڪينيڊين شهري جي قتل کي ملڪي خود مختياري جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.

ڀارتي ڳجهي ايجنسي را طرفان اولهه ملڪن ۾ سک اڳواڻن جي قتل جي معاملي کي ٻِيا ملڪ به پنهنجي خود مختياري جي خلاف سمجهي سگھن ٿا ڇو جو گھڻا اڳواڻ انهن ملڪن جا شهري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.