چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڏينهن ۾ 3 ڪيس اڪلائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ معمول جا ڪيس ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيا.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اڄ کان معمول جا ڪيس ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، سندس سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ 5 مان 3 ڪيس اڪلائي ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ سروس ميٽر ۾ پاڪستان پوسٽ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، قتل ڪيس ۾ ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي وئي.
سي ڊي اي لينڊ ڊپارٽمينٽ جي ڪيس ۾ جوابدار جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪئي وئي، جڏهن ته ملازمت بحالي لاءِ داخل اپيل ۾ وڪيل جي درخواست تي ٻن هفتن جو وقت ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.