هرديپ سنگهه جو قتل، ڀارت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل کان پوءِ آزاد خالصتان تحريڪ زور پڪڙي وئي، لنڊن خالصتان تحريڪ جي باني گرپتونت سنگهه پنون ڀارت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ناانصافي ۽ شدت پسندي جي خلاف سک برادري ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ ڇانيل آهي، هرديپ سنگهه کي 18 جون 2023ع تي لنڊن گرودواري جي ٻاهران قتل ڪيو ويو هو.

گرپتونت سنگهه چيو آهي ته هرديپ سنگهه جي قتل جو بدلو وٺنداسين، ڀارت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏينداسين، ريفرينڊم جي ڪاميابي تي ڀارت وائڙائپ جو شڪار آهي، ڀارت ٽٽندو، پنجاب آزاد ٿي خالصتان بڻجندو.

هن چيو ته قلم اسان جو هٿيار آهي پر اسان وٽ وقت گھٽ آهي، هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارتي حڪومت ملوث آهي، اسان عالمي قانونن موجب هلنداسين، اسان دهشتگرد ناهيون.

لنڊن خالصتان تحريڪ جي باني جو چوڻ هو ته دنيا کي پيغام آهي ته ڀارتي پنجاب جا ماڻهو آزادي چاهين ٿا، ڀارتي پنجاب لاءِ اسان جو رستو ريفرنڊم آهي، اسان جي تحريڪ لنڊن ۾ 31 آڪٽوبر 2021ع تي شروع ٿي، ريفرنڊ ۾ هڪ ملين ماڻهو ووٽ وجهي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.