تازا ترين: فاطما ڪيس ۾ حتمي رپورٽ بعد وڏي خبر اچي وئي

راڻيپور (ويب ڊيسڪ) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ مبينا طور قتل ٿيل معصوم نينگري فاطما ڦرڙو جي حتمي پوسٽ
مارٽم رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن.
ميڊيڪل بورڊ جي ليبارٽري پاران رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فاطما ڦرڙو جو موت
بيماري سبب نه پر تشدد سبب ٿيو آهي، کيس مٿي ۽ سيني تي تشدد ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ سيني تي تشدد سبب سندس دل بيهڻ موت جو ڪارڻ ٻڌايو ويو آهي.
مقتولا فاطما جي ٻانهن تي تشدد ظاهر ڪيو ويو آهي، تشدد بعد فاطما جو علاج به نه ڪرايو ويو هو ۽ ڇاتي تي
ڪنهن سخت اوزار سان تشدد ڪيو ويو هو.
هوڏانهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪرڻ جي ڀرپور تياري ڪئي وئي آهي.
سي ٽي ڊي سکر پوليس پاران اهي ڪارروائي ڪئي ويندي جنهن ۾ حويلي تي چڙهائي ڪئي ويندي.
ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ جو چوڻ آهي ته فياض شاهه ۽ حنا شاهه کي گرفتار ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.