ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر انڪشاف ڪندي چيو آهي ته جڏهن فاسٽ بالر محمد عامر ڪرڪيٽ ۾ آيو تڏهن مون سمجهيو هو ته هاڻي رٽائرمينٽ جو وقت اچي چڪو آهي.
هڪ انٽرويوءِ دوران شعيب اختر چيو ته جڏهن محمد آصف ڪرڪيٽ ۾ آيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي، مان سجهندو هئس ته جيڪو ڪم اسان کان ناهي ٿيندو اِهو آصف آسانين سان ڪري ڇڏيندو آهي.
View this post on Instagram
هن چيو ته جڏهن فاسٽ بالر محمد عامر پاڪستان لاءِ ڊيبيو ڪيو ته مون سوچي ورتو هو ته رٽائرمينٽ جو وقت اچي چڪو آهي، عامر جهڙو ٽيلينٽ پاڪستان کي وري نه مليو، ان کانپوءِ مان 2007 ۾ رٽائر ٿي ويس
هن چيو ته جڏهن ته 2009ع جي آخر ۾ خبرون آيون ته ميچ فڪسنگ ڪيس ۾ پاڪستاني ٽيم جا رانديگر پڪتا ويا آهن ان کانپوءِ مون کي گهر وارن، دوستن به چيو ته اسان کي اندازو آهي ته تون ميچ نٿو کيڏي سگهين پر پاڪستان لاءِ هڪ سال کيڏ پوءِ ان لاءِ روز انجيڪشن لڳن ٿا ته ڀلي لڳن.
شعيب اختر چيو ته پر ان وقت مون فيصلو ڪيو ته مون کي عدم تحفظ جو شڪار ناهي ٿيڻو، اسان جي وڏن اسان سان ڪڏهن به اهڙو اظهار نه ڪيو هو انڪري مون سدائين جونيئرز جو ساٿ ڏنو ۽ کين اتساهيو آهي.
پنڊي ايڪسپريس جو چوڻ هو ته تازو هن عمر گل کي سندس 2006ع جي بالنگ ياد ڏياري سندس واکاڻ ڪئي.
سندس چوڻ هو ته محمد آصف ۽ محمد عامر مڪمل بالر هئا پر هو پاڻ کي مئنيج نه ڪري سگهيا، مان اِهو ئي چوندس ته پاڪستان ۾ ڪنهن به پنهنجي گروٿ تي ڪم ناهي ڪيو ڇو ته پاڪستان ۾ برانڊ بلڊنگ جو ڪو ڪانسيپٽ ئي ناهي.
اڳوڻي فاسٽ بالر نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته مون ويجهڙائي ۾ هڪ بهترين بيٽر کان پڇيو ته اوهان کي سال ۾ ڪيترا پئسا ڪمائڻ گهرجن جنهن ڪرڪيٽر جواب ڏنو پنج ڪروڙ، جواب تي مون سان گڏ ويٺل دوست مٿي کي ڌڪ هڻندي چيو ته شعيب تنهنجي لاءِ سئو ڪروڙ ساليانو سوچي رهيو هو جنهن تي ڪرڪيٽر چيو ته ائين ڪئين ممڪن آهي؟ .
هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن تي خرچ نٿو ڪرڻ چاهي ۽ بورڊ جيستائين ايوريج ماڻهن تي خرچ ڪندو رهندو بهتري جي اميد نٿي رکي سگهجي، مون کي اڄ تائين ڀارت خلاف 2011ع ۾ موهالي جي ميدان تي سيمي فائنل هارائڻ جي ڪاوڙ آهي.
شعيب اختر خواهش جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيوته هڪ پاسي پاڪستان قومي ترانو وڄي رهيو هجي، ڀارت ۾ عالمي اسان جي هٿن ۾ هجي، اسان عالمي ڪپ آرگنائيز ڪرڻ تي ڀارت جا ٿورائتا آهيون، اِها ئي منهنجي خواهش آهي جنهن لاءِ مان چاهيان ٿو پاڪستان ورلڊ ڪپ کٽي.