ن ليگ ڪاٽا، پ پ ٻي پارٽي سان چونڊ اتحاد جو اشارو ڏئي ڇڏيو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن ۽ تڪ بندين بابت تجويزون پيش ڪري ڇڏيون.
پ پ اڳواڻ منظور وساڻ اليڪشن ڪميشن آفيس پهتو، اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته ايم ڪيو ايم جي واويلا بنا جواز آهي، سنڌ ۾ اعليٰ عهديدار انهن مان ئي آهن، ايم ڪيو ايم چماٽ به هڻندي آهي ۽ روئندي به آهي، ايم ڪيو ايم هر دور ۾ سڀني جماعتن سان گڏ اقتدار ۾ رهي.
هن چيو ته عام چونڊون جنوري جي آخري هفتي ۾ ٿي سگهن ٿيون، عام چونڊن ۾ ڪنهن سياسي جماعت کي اڪثريت حاصل نه هوندي، پ پ جو پي ٽي آءِ سان چونڊ اتحاد ٿي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڏکين حالتن ۾ ڪمزور نظر اچي رهي آهي، اسان جيلن ۾ به جيئي ڀٽو جو نعرو هنيو، اڄڪلهه مون کي ننڊ نه پئي اچي، تنهن ڪري سياسي خواب نه پيو ڏسان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.