ڪراچي: سمگلنگ خلاف ڪارروائي، ايراني مال جي وڏي غير قانوني کيپ هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪياماڙي ضلعي ۾ پوليس يوسف ڳوٺ بس ٽرمينل وٽ 100 فوٽ روڊ تي سمگلنگ خلاف ڪارروائي ڪندي ايراني مال جي وڏي غير قانوني کيپ هٿ ڪري ورتي.
ڪارروائي اڄ صبح ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم رائو جي هدايت تي يوسف ڳوٺ ۾ گودام تي ڪئي وئي، گودام مان ڪروڙين رپيا ماليت جو سمگل ٿيل (نان ڪسٽم پيڊ) سامان برآمد ڪيو ويو.
هٿ ڪيل سامان ۾ خشڪ کير، ڊراءِ فروٽ، بليڪ پيپر، ٽائر، پتي، اليڪٽرانڪ آئٽمز ۽ ٻيو مٽيريل شامل آهي.
برآمد سامان جي مقدار تقريبن 10 ٽرڪن کان وڌيڪ آهي، ان موقعي تي پوليس سان گڏ رينجرز جي نفري به پهتي، ڪسٽم اختياريون وڌيڪ جاچ ڪري رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.