عوام پاناما ۽ اقامه جي ڊرامي سازن کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندو: مريم نواز

لاهور(م ڊ)مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عوام پاناما ۽ اقاما جو ڊرامو ڪندڙن کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندو.لاهور جي مقامي هوٽل ۾ مريم نواز جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن پنجاب جو مشاورتي اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ حمزا شهباز، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا جڏهن  ته پارٽي اڳواڻ نواز شريف وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي بابت تيارين بابت بريفنگ ڏني.حمزه شهباز چيو ته نواز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ جو مطلب مهانگائي جي لعنت کي گهٽائڻ آهي، ن ليگ قائد کي ڀليڪار ڪندي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.