آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو، 90 پئسا ڪري پيو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 90 پئسا  سستو ٿي 295 رپين 95 پئسن جو ٿي ويو، جڏهن ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن آمريڪي ڊالر 296 رپين 85 پئسن تي بند ٿيو هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه 297 رپين تي برقرار آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي جي پهرين ڏينهن تي گڏيل ڪاروبار رهيو. ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 245 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو پر ڪاروبار بند ٿيڻ تي هينڊريڊ انڊيڪس 49 پوائنٽن جي واڌ سان 45803 تي بند ٿي ويو. 100 انڊيڪس 45907 جي بلند ۽ 45662 جي گھٽ سطح تي پهچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.