لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته ڪير به اعلان ڪري پر چوندون هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجن، اسان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ شازيا مري، فيصل ڪريم ڪنڊي سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميٽنگ سڀاڻي تائين جاري رهندي ۽ پوءِ پڌرائي جاري ڪنداسين، اڄ گڏجاڻي گذريل ميٽنگ جو تسلسل هئي، جنهن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ مهانگائي تي ڳالهايو ويو.
هن چيو ته اجلاس ۾ چونڊن بابت به غور ڪيو ويو، ڇو ته ان معاملي تي ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، صدر جي خط کانپوءِ مختلف ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته پ پ ڪنهن به صوبي ۾ ڪمزور ناهي، بس اسان جو مطالبو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي، ٻين صوبن ۾ جڏهن ٽرانسفر پوسٽنگ ۽ ترقياتي ڪمن تي پابندي ناهي ته پوءِ سنڌ ۾ ڇو پابندي لڳائي وئي آهي؟.
شازيا مري چيو ته نگران حڪومت ڪجهه معاملن ۾ جانبداري جو مظاهرو به ڪري رهي آهي، پ پ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پ پ اڳواڻن چيو ته ان ڳالهه تي به غور ڪيو ويندو ته آئيني طور صدر چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو حق رکي ٿو يا نه، ڇو ته صدر واضح موقف نٿو رکي ۽ وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏي رهيو آهي، خدشن تي پ پ وفد اليڪشن ڪميشن سان ملندو ۽ 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو مطالبو ڪيو ويندو.
شازيا مري چيو ته (ن) ليگ ڀلي الزام تراشي ڪندي رهي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن جلد چونڊون ڪرائيندي، هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪمزور نه آهي ڇو ته نظريو ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيندو آهي. اسان کي هر ڀيري ڀت سان لڳايو ويندو آهي. منهنجي تڪ ۾ ٻارن لاءِ اسڪول تعمير ٿي رهيو هو ته ڪم روڪرايو ويو، نگران حڪومت گذريل حڪومت جي فيصلن کي ڪيئن ختم ڪري سگهي ٿي.
پ پ کان وڌيڪ جمهوريت لاءِ ڪنهن به قربانيون نه ڏنيون آهن، پيپلز پارٽي لاش کنيا آهن، فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته لطيف کوسي ۽ اعتزاز احسن کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي پر اسلام آباد ۾ مصروفيت سبب نه اچي سگهيا، لطيف کوسي کي شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو آهي، پر اڃان پارٽيءَ ۾ آهي.
شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيندو ته پوءِ فيصلو ڪيو ويندو، هن چيو ته چئني صوبن ۾ نگران حڪومتون آهن پر صرف سنڌ ۾ ترقياتي ڪم بند آهن ٻين صوبن ۾ هلي رهيا آهن، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ بدليون ۽ مقرريون به ٿي رهيون آهن.