عوام جون اسان ۾ وڏيون اميدون آھن: گورنر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اڄ گورنر هائوس جي مختلف کاتن جو دورو ڪيو ۽ بيل آف هوپ ۽ گورنر شڪائتي  سيل تي مليل شڪايتن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو. ان موقعي تي نئون مقرر ٿيل پرنسپل سيڪريٽري بلال ميمڻ ۽ ٻيا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا، ان موقعي تي سنڌ جي گورنر هدايت ڪئي ته بيل آف ھوپ ۽ شڪايت سيل ۾ وصول ٿيندڙ درخواستن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ طريقي سان رکيو وڃي، نوڪرين لاءِ هڪ پورٽل ٺاهيو وڃي ۽ اهي درخواستون مختلف پرائيويٽ ادارن ۽ چيمبر آف ڪامرس کي موڪليون وڃن ته جيئن ڊيٽا شيئر ڪري هر پرائيويٽ ادارو بيروزگار ماڻهن کي انهن جي ضرورت، تجربي ۽ تعليم مطابق روزگار ڏئي سگهي. سنڌ جي گورنر چيو ته بيروزگارن کي جيڪڏهن اسان جي ذريعي روزگار ملندو ته اها اسان جي خوش قسمتي هوندي، منهنجي اهڙي عمل جو مقصد پريشانين ۾ مبتلا ماڻھن جي مدد ڪرڻ آهي، جيڪي ڏکيائين ۾ آهن ۽ الله جي رضا حاصل ڪرڻ آهي، اسان کي الله تعالي جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي۔ هن  چيو ته عوام جون اسان ۾ وڏيون اميدون لاڳاپيل آھن، سنڌ جي گورنر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ه عوام جون اسان ۾ وڏيون اميدون لاڳاپيل آھن آف هوپ تي اچي چڪيون آهن، جن جي ڊيٽا کي جلد ڪمپيوٽرائيز ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.