مُلڪ ۾ عام چونڊن سبب ايندڙ سال پاڪستان سُپر ليگ ليگ جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ ان حوالي سان ميچز جي تاريخن ۽ وينيوز بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين ۽ فرنچائزز جو اهم اجلاس 25 سپٽيمبر سڏائي ورتو آهي.
ذريعن موجب پي سي بي جي نئين مئنيجمينٽ ڪميٽي تحت پي ايس ايل گورننگ ڪائونسل جو پهريون اجلاس سپٽيمبر جي آخر ۾ شيڊيول ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان سُپر ليگ جي نائين ايڊيشن جون ميچن ۽ تاريخن بابت فيصلو ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال جي شروعات ۾ مُلڪ ۾ عام چونڊن جو امڪان آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سُپر ليگ جون ميچون گڏيل عرب رياستن ڪرائڻ جي آپشن تي غور ڪيو ويندو، گهڻي قدر ٽيمن جا مالڪ مُلڪ کان ٻاهر هئڻ سبب اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا، پي ايس ايل فرنچائزز مالڪن جي خواهش آهي ته جلد کان جلد ميچن جو شيڊيول فائنل ڪيو وڃي.