اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ بابت ذيلي ڪميٽي 17 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي سميت مختلف وزيرن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اي سي ايل بابت مختلف نوعيت جي ڪيسن جو جائزو ورتو ويو.
ڪميٽي 17 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي، اهي نالا مختلف کاتن ۽ ايجنسين طرفان موڪليا ويا هئا.
اجلاس ۾ 7 مختلف نوعيت جا ڪيس اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش به ڪئي وئي، نظرثاني لاءِ پيش ڪيل اپيلن مان 5 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي وئي.
ذيلي ڪميٽي جون سفارشون حتمي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا کي موڪليون وينديون.
Prev Post
Next Post
You might also like