ٽڪ ٽاڪ به گوگل بڻجي ويو! ڪم جو فيچر شامل

ٽڪ ٽاڪ واهپيدار خاص طور تي نوجوان ان ايپ کي سرچ انجڻ جي طور تي استعمال ڪري ويجها هنڌ ۽ خبرون ڳولي سگھن ٿا.
اهو ئي سبب آهي جو ڪمپني طرفان نوجوانن جي دلچسپي کي ڏسي ايپ جي سرچ آپشن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم خاموشي سان سرچ رزلٽس ۾ وڪي پيڊيا جا تفصيل ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ڪمپني طرفان به تصديق ڪئي وئي آهي ته ٽڪ ٽاڪ ايپ سرچ رزلٽس ۾ واهپيدارن کي اضافي تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ وڪي پيڊيا جي ڀائيواري ڪئي آهي..
ڪمپني جي هڪ ترجمان ٻڌايو ته فيچر ڪيترن ئي مهينن کان موجود آهي.
پر اهو فيچر اڃا مڪمل طور تي ڪم نٿو ڪري، ڪجهه هنڌن يا شخصيتن بابت ته وڪي پيڊيا جا تفصيل سرچ دوران نظر ايندا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا ائين ناهي ٿيندو.
وڪي پيڊيا جا تفصيل ان وقت نظر ايندا آهن جڏهن اوهان ايپ ۾ ڪجهه سرچ ڪرڻ کان پوءِ هيٺ اسڪرول ڪريو.
جڏهن اوهان انهن تفصيلن تي ڪلڪ ڪندئو ته ايپ وڪي پيڊيا ۾ منتقل ٿي ويندي.
واضح رهي ته جولاءِ 2022ع ۾ گوگل پاڻ اعتراف ڪيو هو ته 25 سالن جي عمر جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ماڻهو گوگل سرچ ۽ ميپس جي ڀيٽ ۾ سرچ لاءِ ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام کي ترجيح ڏيندا آهن.
واضح رهي ته هن وقت ٽڪ ٽاڪ جي سرچ انجڻ گوگل جي ماڊل کان مختلف آهي.
گوگل ۾ ويب پيجز تي ڌيان ڏنو ويدو آهي جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ ۾ انٽرنل سرچ ماڊل تي زور ڏنو ويندو آهي ته جيئن واهپيدارن کي گھڻي کان گھڻي وقت تائين ايپ ۾ رکي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.