شڪارپور: عدالت پاران چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ جوبدار کي 14 سال ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا

شڪارپور ( ويب ڊيسڪ ) شڪارپور جي مقامي عدالت چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

شڪارپور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج عدالت ۾ 5 ڪلو چرس هٿ اچڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڌرين جا دليل ٻڌا.

بعد ۾ عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار خليل الرحمان ڪاڪيپوٽو کي 14 سال قيد ۽ 4 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.