چيف اليڪشن ڪمشنر کي پتو ناهي، پر هڪ پارٽي چونڊن جي تاريخ ڏئي رهي آهي: بلاول

مظفرڳڙهه ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ جو نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪندي چيو آهي ته نه چيف اليڪشن ڪشمنر کي خبر آهي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون نه مون کي ئي ڪائي ڄاڻ آهي ته اليڪشن ڪڏهن آهي، پر هڪ پارٽي پنهنجي پاران چونڊن جي تاريخ ڏئي رهي آهي.

مظفر ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ مظفر ڳڙهه مان قومي اسيمبلي جون ٽي سيٽون کٽيون ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ مظف ڳڙهه مان جون پنج ئي سيٽون کٽينداسين.

هن چيوته نااهل ۽ نالائق وزيرِ اعظم کي مڙهيو ويو جنهن سبب معاشي ۽ پرڏيهي سطح تي بحران جو منهن ڏسڻو پيو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سليڪٽڊ حڪومت خلاف عوام جي ساٿ سان تحريڪ هلائي.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن بابت سڀاڻي پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، هڪ پارٽي پنهنجي پاران چونڊن جي تاريخ ڏئي رهي آهي، ڪنهن کي خبر ناهي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون.

هن سوال اُٿاريندي چيو ته چونڊون ٿيڻ گهرجن پر ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته رڳو هڪ پارٽي چئي رهي آهي ته فيبروري ۾ چونڊون ٿينديون، ان صورتحال ۾ اسان ليول پليئنگ فيلڊ نه هجڻ جي شڪايت ڪيون ته ٻيون ڇا ڪيون؟ .

بلاول چيو ته پي ڊي ايم ميثاق جهموريت جي حق ۾ ناهي، اسان ته چاهيون پيا ته ميثاق جهموريت ٽو به ٺهي، اسان نئين ميثاق جهموريت جي ڪوشش ڪئي پر ائين نه ٿي سگهيو.

سندس چوڻ هو ته پ پ پنهنجي وزارتن جي جوابداه آهي ۽ پي ڊي ايم پنهنجي، پاڪستان جا مسئلا ڪا هڪ جماعت اڪيلي سِر حل نٿي ڪري سگهي، پاڪستان کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ سمورين پارٽين کي گڏ ويهڻو پوندو .

پ پ چيئرمين چيو ته وڏن وڏن ماڻهن کي سبسڊي ڏيڻ بدران عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي، پ پ سدائين پورهيتن ۽ هارين جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن، ايندڙ حڪومت ۾ پورهيتن جي مدد لاءِ ليبر ڪارڊ متعارف ڪرائينداسين، ڏکيائيون ضرور آهن پر ان جو حل به اسان وٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.