ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي مداح ساڻس پنهنجي محبت جو انوکو اظهار ڪيو آهي.
سريلنڪا ۾ جاري ايشيا ڪپ سموري دنيا کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ورتو آهي، ڪرڪيٽ شوقين اسٽيڊيم ۾ ته ڪڏهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي پسنديدا رانديگرن سان محبت جو اظهار نت نئين انداز ۾ ڪندي نظر اچن ٿا.
ان ڏس ۾ ويرات ڪوهلي جي مداح جي هڪ اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ مداح ڀارتي ٽيم جي رانديگر ويرات ڪوهلي سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو آهي.
A fan made Virat Kohli’s art with his tongue. pic.twitter.com/me6xZqappu
— Mufaddal Vohra (@mufaddal_vohra) September 9, 2023
وڊيو ۾ موجود مداح جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته هو هڪ آرٽسٽ آهي جنهن پينٽنگ برشز جي استعمال بدران زبان جي مدد سان ويرات ڪوهلي جو پورٽريٽ ٺاهيو آهي.
وائرل ويڊيو ۾ موجود آرٽسٽ جو واسطو ڪهڙي مُلڪ سان آهي ۽ سندس ڇا نالو آهي ان جو پتو ناهي پئجي سگهيو، پر ڪرڪيٽ شوقين خاص ڪري ويرات ڪوهلي جي پرستارن طرفان آرٽسٽ کي ساراهيو پيو وڃي.