نگران حڪومت لاءِ ڏچو، بجلي بلن ۾ رليف آءِ ايم ايف سخت شرطن سان مشروط ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت، توانائي واري وزارت ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ بجلي بلن تي رليف جي معاملي تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کان بجلي پاڻ پيدا ڪندڙن صنعتن کي ڏنل مراعتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته بجلي ٺاهيندڙ صنعتن لاءِ گئس اگهن ۾ فوري طور واڌ ڪئي وڃي، بجلي ٺاهيندڙ صنعتن لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ جولاءِ 2023 کان لاڳو ڪئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته بجلي ٺاهيندڙ صنعتن لاءِ رعايتي ٽيرف ختم ڪري اگهن ۾ واڌ جو پلان فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته واهپيدارن کي رليف ڏيڻ لاءِ پاور سيڪٽر جو نظام درست ڪيو وڃي.
ذريعن موجب بجلي بلن تي رليف پلان جي آءِ ايم ايف شرطن تي عملدرآمد لاءِ وقت گهريو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.