بُري خبر، پاڪ-سريلنڪا ميچ ۾ تيز برسات جو امڪان، فائنلسٽ جو فيصلو ڪيئن ٿيندو؟

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ فائنل کان اڳ فائنل ٿيڻ وارو آهي ڇو جي ان ميچ جي نتيجي کانپوءِ اِهو فيصلو ٿيندو ته 17 سپٽيمبر تي ڀارت خلاف فائنل ڪير کيڏندو.
اڱاري ڏينهن ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ ٿي جنهن ۾ ڀارت آءِ لينڊرز کي 41 رنسن تان هارائي ڇڏيو جنهن کانپوءِ پاڪستان جي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان وڌي ويا .
هاڻي جيڪڏهن پاڪستان کي ڀارت خلاف ايشيا ڪپ جو فائنل کيڏڻو آهي ته ان کي ڪنهن به صورت سريلنڪا کي شڪست ڏيڻي پوندي.
پر پاڪستاني شوقينن سميت قومي ٽيم تي خطري جا ڪڪر لامارا ڏئي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اِها ميچ به ڪولمبو ۾ شيڊيول آهي جتي 14 سپٽيمبر تي برسات جا اسي سيڪڙو امڪان موجود آهي.
هاڻي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ميچ دوران برسات ٿي ۽ ميچ نه ٿي سگهي ته ڪهڙي ٽيم فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي؟ .
ان سوال جو جواب ڄاڻڻ لاءِ پهريان هڪ نظر پوائنٽ ٽيبل تي وجهون ٿا.
پوائنٽس ٽيبل تي چئن پوائنٽس سان ڀارت فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته بنگلاديش ان ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي، سريلنڪا ۽ پاڪستان جون ٻه، ٻه پوائنٽس آهن.
جيڪڏهن پاڪ-سريلنڪا مقابلي دوران لڳاتار برسات جو سلسلو جاري رهيو ۽ ميچ نه ٿي سگهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا کي هڪ، هڪ پوائنٽ ملندي، اهڙي ريت ٻنهي ٽيمن جون ٽي، ٽي پوائنٽس ٿي وينديون، پر رن ريٽ جي بنياد تي سريلنڪا فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندي.
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي ڪجهه واهپيدار اِهو به سوال اُٿاري رهيا آهن ته سيمي فائنل جي حيثيت رکڻ باوجود پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ميچ لاءِ ريزرو ( اضافي ) ڏينهن ڇو ناهي رکيو ويو ؟ .
برسات سبب متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ ميچ کي نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ ڊي ايل ايس قانون لاڳو ڪري سگهجي ٿو پر ان لاءِ به ٻنهي ٽيمن کي گهٽ ۾ گهٽ ويهه، ويهه اوورز کيڏڻا پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.