پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ ورسڪ روڊ تي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏيءَ ويجهو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، 6 اهلڪارن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پشاور پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏيءَ کي نشانو بڻايو ويو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ليڊي ريڊنگ اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ هو ته ورسڪ روڊ ڌماڪي ۾ 9 زخمين کي اسپتال آندو ويو، 2 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، سي سي پي او پشاور اشفاق انور جو چون آهي ته شروعاتي طور تي ڌماڪو خودڪش نٿو لڳي، بارودي مواد روڊ جي ڪناري نصب ڪيو ويو هو.