ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪي اليڪٽرڪ تي زور ڏنو آهي ته هو مقامي ٻارڻ سميت قابل تجديد توانائي استعمال ڪندي سستي بجلي پيدا ڪري ته جيئن ماڻهو پنهنجي بجلي جي بلن ۾ سک جو ساهه کڻي سگهن. هن ڪي اليڪٽرڪ تي پڻ زور ڏنو ته هو پنهنجي صارفن کي هدايت ڪري ته اهي پکن ۽ ايل اي ڊي بلب سميت اهڙو بجلي جو سامان استعمال ڪن جيڪي گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا ته جيئن سندن ڳورن بلن جو بار گهٽ ڪري سگهجي, هن اها ڳالهه ڪي اليڪٽرڪ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جنهن ۾ ڪراچي جي عوام کي بنا دير سستي بجلي فراهم ڪرڻ ۽ کين مسئلا حل ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڪم ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ناڻي وارو سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند، سيڪريٽري توانائي فياض عباسي، ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي، توانائي کاتي جو سيڪريٽري طارق شاهه، شبر زيدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي گهرجي ته هو پنهنجي سسٽم ۾ مقامي ٻارڻ تي ٻڌل بجلي شامل ڪري ته جيئن بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن. ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ 2172 ميگاواٽ شامل ڪرڻ واري آهي جنهن ۾ 1182 ميگاواٽ قابل تجديد توانائي شامل آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او وڏي وزير کي ٻڌايو ته ٽيرف ۾ واڌ ۽ بجلي جي چوري سبب بجلي جي استعمال ۾ 5 سيڪڙو جڏهن ته اوڳاڙي ۾ 3.4 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. تنهن تي وڏي وزير چيو ته سستي بجلي پيدا ڪرڻ جا طريقا ڳوليا وڃن جن کي صارفين استعمال ڪري سگهن.