خبردار نيراني ڪيلا نه کائو نه ته هي نقصان ٿيندا!

چيو ويندو آهي ته صبح جي نيراني صوف کائڻ جا ڪيترائي فائدا آهن پر اها سائنس سڀني موسمي رخن لاءِ فائديمند ناهي.

گهڻا ماڻهو نيرن ۾ ميون جو استعمال ڪندا آهن، جيڪو ڪنهن حد تائين درست به آهي. پر ڪيلو اُهو ميوو آهي جيو غذائيت سان ڀرپور هجڻ باوجود صبح جو نيراني کائڻ اوهان کي نقصان پهچائي سگھي ٿو.

ڪيلو وٽامن سي، وٽامن بي 6، پوٽاشيم ۽ ميگنيشيم جو هڪ سٺو ذريعو آهي، اهو سموٿيز، پين ڪيڪس ۽ ٻين مٺن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.

صبح جو خالي پيٽ ڪيلو کائڻ اوهان لاءِ هنن خطرن جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

دل جي صحت

خالي پيٽ ڪيلو کائڻ اوهان جي دل لاءِ گھڻو خطرناڪ آهي. ڪيلي ۾ موجود ميگنيشيم سان رت ۾ ميگنيشيم ۽ ڪئلشم وچ ۾ توازن خراب ٿي سگھي ٿو. اهو عدم توازن جي صحت کي نقصان پهچائي سگھي ٿو.

بلڊ شگر ۾ اضافو

ڪيلو مٺاڻ سان ڀرپور هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان کي خالي پيٽ کائڻ سان بلڊ شگر ليول ۾ اوچتو اضافو ٿي سگھي ٿو. ان سان ٿَڪُ، مٿي ۾ سور ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا.

ان ڪري شگر جي مريضن کي دائين چيو ويندو آهي ته هو پنهنجي ڏينهن جي شروعات ڪيلي سان هرگز نه ڪن.

پيٽ خراب ٿيڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو

پنهنجي ڏينهن جي شروعات ڪيلي سان نه ڪرڻ پٺيان هڪ ٻيو بنيادي سبب اهو اهي ته او اوهان جي معدي جي فعلن ۾ خلل وجهندو آهي.

ڪيلي ۾ پيڪٽين نالي فائبر جو هڪ قسم موجود هوندو اهي جيڪو معدي جي ايسڊ سان سلهاڙجي هاضمي کي سست ڪري سگھي ٿو.

آئرن جي توازن کي متاثر ڪري ٿو

آئرن جي کوٽ جو شڪار ماڻهن کي خالي پيٽ ڪيلا کائڻ کان منع ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ڪيلو پوٽاشيم سان ڀرپور هوندو آهي، اهو آئرن کي جذب ڪرڻ ۾ مداخلت ڪندو آهي.

آئرن جي کوٽ جو شڪار ماڻهو ان ڳالهه جو لازمي خيال رکن.

بيزابيت جو سبب بڻجي ٿو

ڪيلو تيزابي هوندو آهي، ان ڪري خالي پيٽ ان کي کائڻ اوهان لاءِ تيزابيت جو سبب بڻجي سگھي ٿو. اهو شروع ۾ ته اوهان جي توانائي ۾ تيزي سان اضافو ڪندو پر بعد ۾ اوهان کي ٿَڪَ جو احساس ٿيندو.

وزن وڌائي ٿو

وزن گھٽ ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ خالي پيٽ ڪيلو کائڻ صحيح چونڊ ناهي. ڪيلي ۾ ڪيلوريز جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي ان ڪري ان کي خالي پيٽ کائڻ سان وزن وڌي سگھي ٿو.

جسم جي ميٽابولزم کي متاثر ڪري ٿو

خالي پيٽ ڪيلي جو استعمال اوهان جي جسم جي ميٽابولزم جي شرح کي متاثر ڪري سگهي ٿو ۽ سڄي هاضمي جي نظام کي به ناڪاري طور تي متاثر ڪري سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.