ڪارتڪ آريان سان ملاقات جي لالچ، عورت سان 82 لک رپين جو فراڊ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ڪارتڪ آريان سان ملاقات جي لالچ ۾ عورت 82 لک رپين کان محروم ٿي وئي.
ڀارتي خابرو اداري موجب ايشوريا شرما نالي عورت اداڪار سان هڪ فلم ٺاهڻ چاهي پئي، پر هو جعلسازي جو شڪار بڻجي وئي.
ڪرشنا ڪمار ولاس شرما نالي شخص پاڻ کي شوبز ايجنٽ ڄاڻائي عورت کي اداڪار سان ملاقات جي لالچ ڏني ۽ 82 لک رپيا وصول ڪيا.
پئسا وٺڻ بعد جوابدار ڪرشنا ڪمار بهانا شروع ڪري ڇڏيا، جنهن تي عورت پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي.
شڪايت داخل ٿيڻ بعد پوليس ڪرشنا ڪمار کي ڪرناٽڪ مان گرفتار ڪري ورتو ۽ جوابدار خلاف اڳ ئي مختلف شهرن ۾ جعلسازي جا ڪيس داخل ٿيل هئا.
ڪارتڪ آريان ان فراڊ کان مڪمل طور تي بي خبر آهي ۽ هو 14 جون تي رليز ٿيڻ واري پنهنجي نئين فلم ”چندو چيمپيئن“ جي تشهري مهم ۾ مصروف آهي.
KartikAryan Bharat Bollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.