فلم اسٽار جاويد شيخ خلاف فراڊ جو ڪيس داخل

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) فلم اسٽار جاويد شيز ۽ 5 ٻين ماڻهن خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
روات ٿاڻي جي پوليس زال مڙس جي درخواست تي ناليواري فلم اسٽار جاويد شيخ ۽ 5 ٻين ماڻهن خلاف منافعي جي مبينا لالچ ڏئي 50 لک رپيا ڳڙڪائڻ جي الزام ۾ 420 ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏنو، پوليس سمورن جوابدارن کي جاچ ۾ شامل ڪري ورتو.
امجد محمود ۽ سندس زال ارم امجد درخواست ۾ ٻڌايو ته فلم اسٽار جاويد شيخ، جهان زيب عالم، جمال خان، رانا زاهد، اظهر حسين ۽ ٻين گهرائي لالچ ڏني ته سيڙپڪاري ڪيو 7 سيڪڙو هر مهيني منافعو ملندو.
درخواستگذار موجب انهن باقاعدا اسٽامپ پيپر ذريعي معاهدو ڪيو ۽ اسان 50 لک رپيا به ادا ڪري ڇڏيا، هاڻي ڪيترائي مهينا ٿي ويا آهن، منافعو گهرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، اصل سيڙپڪاري واپس ڪرڻ کان به انڪار ڪيو ويو، پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ته مجبوري ۾ عدالت سان رجوع ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.