ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سونيا حسين انڪشاف ڪيو آهي ته کيس بالي ووڊ جي رومانوي اداڪار عمران هاشمي سان گڏ فلم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي.
تازو ئي هڪ انٽرويو دوران سونيا حسين پنهنجي ڪيرئر سميت بالي ووڊ فلمن ۾ آڇ تي ڳالهايو.
اداڪارا چيو ته مونکي ماضيءِ ۾ ڪيترن ئي بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي چڪي آهي.
سونيا حسين جو چوڻ هو ته مونکي بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي سان فلم جي آڇ ٿي هئي، مون فلم جي ٽيم سان ملاقاتون به ڪيون هيون پر ان دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي هئي ۽ ٻنهي ملڪن شوبز جو ڪم بند ڪري ڇڏيو هو.
هن ٻڌايو ته جنهن محل عمران هاشمي سان فلم جي آڇ ٿي هئي ان وقت جوان هئس ۽ مون مٿان فيملي طرفان سختيون به هيون، شوبز ڪيرئر سان گڏوگڏ منهنجي تعليم به هلي رهي هئي، تنهن ڪري عمران هاشمي سان گڏ فلم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
You might also like