پيٽ جي گيس مان فوري نجات جو سولو گهريلو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گيس ۽ تيزابيت اڪثر طبعيت ۾ بي چيني جو سبب بڻجندي آهي ۽ طبعيت خراب ٿيڻ جو سڌي ريت واسطو اوهان جي مزاج تي پوندو آهي.

گهڻو ڪري گيس پيٽ ۾ سور يا سوڄ جو سبب بڻجندي آهي، اڪثريت ان مسئلي مان ڇوٽڪاري لاءِ دوائون جو استعمال ڪندا آهن پر اهو جسم لاءِ نقصان آهي.

گيس سان کائڻ دوران هوا خارج ٿيڻ، گيس پيدا ڪندڙ غذائون جيئن ڦريون، گوبي ۽ ڪاربونيٽڊ شربتن جو استعمال، معدي جي حالت جيئن ليڪٽوز برداشت جوڳا نه هجڻ يا آنڊن جو سنڊروم، دٻاءُ ۽ بيچيني، هاضمي جو عمل متاثر ٿيڻ گيس جي مسئلن ۾ شامل آهن.

طبي ماهرن موجب بيڪنگ سوڊا ۽ ليمي جو رس گيس جي مسئلن جو گهريلو حل آهي.

بيڪنگ سوڊا سيني جي ساڙي ۽ بدهاضمي کي ختم ڪري ٿي جيڪو گيس جو سبب هوندو آهي، ليمي جو رس سوڄ ۽ گيس کي گهٽ ڪندو آهي.

هڪ گلاس پاڻي ۾ اڌ چمچو بيڪنگ سوڊا ۽ اڌ ليمي جو رس ملائي سٺي نموني رلائي پي ڇڏيو.

خيال رهي ته اهو شربت حد کان وڌيڪ يا ضرورت کان وڌيڪ استعمال نه ڪجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.