ميڊيا غلط رپورٽنگ ڪئي، آئيني معاملن ۾ ڦاسائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته آئيني معاملن ۾ ڦاسائي سپريم ڪورٽ جو امتحان ورتو ويو،

نئين عدالتي سال جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته فيبروري 2023ع ۾ سپريم ڪورٽ جي سامهون ڪيترائي آئيني ڪيس آيا، آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو.

سندس چوڻ هو ته گذريل سال هڪ تقريب ۾ عدالت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي هئي، هڪ سال ۾ سپريم ڪورٽ رڪارڊ 23 هزار ڪيس اڪلايا آهن، ان کان اڳ هڪ سال دوران اڪلايل ڪيسن جو وڌ کان وڌ انگ 18 هزارهو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته دير جو شڪار ڪيسن جو انگ 2 هزار تائين گهٽائي سگهيا .

هن چيو ته عدالت پاڻ ڪيترائي ڀيرا سخت امتحان ۽ ماحول جو شڪار ٿي، هو اهي واقعا ورجائڻ نه ٿا چاهن جيڪي ٿيا پر ان سان عدالتي ڪارڪردگي متاثر ٿي، آڊيو ليڪس ڪيس ۾ سمورا واقعا سندس فيصلي جو حصو بڻيل آهن.

نامزد چيف جسٽس فيض عيسيٰ جي حوالي سان هن چيو ته سندن نئين آيل چيف جسٽس کان مختلف راءِ ٿي سگهي ٿي پر نئون آيل چيف جسٽس قابل تعريف شخص آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ميڊيا سماج جون اکيون ۽ ڪن آهن، سندس حوالي سان به ميڊيا ۾ غلط رپورٽنگ ڪئي، گوڊ ٽو سي يو واري سندس جملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، شارٽ اينڊ سوئيٽ ججمينٽ بابت آبزرويشن جي به غلط رپورٽنگ ٿي، جيڪو ٿيو ان کي درگذر ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.