جهاز ۾ عورت سان جنسي زيادتي جي ڪوشش، مسافر گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اڏام دوران جهاز ۾ عورت سان جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ممبئي کان گوهاٽي ويندڙ ”انڊياگو“ اڏام ۾ هڪ شخص طرفان مبينا طور تي ساٿي مسافر کي جنسي طور هراسان ڪيو ويو.

عورت طرفان الزام لڳايو ويو ته جڏهن رات جي وقت جهاز ۾ ڊِم لائٽز روشن ڪيون ويون ته ان وقت لاڳاپيل شخص جنسي هراسان ڪيو.

متاثر عورت ٻڌايو ته هوءَ فلائٽ دوران سمهي پئي پئي ۽ جڏهن هن اک کولي ته ته ٻنهي سيٽن جي وچ ۾ موجود آرم ريسٽ کنيل هئي جنهن تي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳڻتي هئي ۽ آئون سمهڻ جو بهانو ڪرڻ لڳس پر ان شخص طرفان ٻيهر جنسي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تيه آئون فوري طور تي ڪيبن ڪريو کي گھرائي ورتو.

ميڊيا رپورٽس موجب عورت جي شڪايت تي لاڳاپيل شخص کي گوهاٽي ايئرپورٽ تي حراست ۾ وٺي اختيارين حوالي ڪيو ويو.

ڀارتي اختيارين جو چوڻ هو ته عورت جي شڪايت تي لاڳاپيل مسافر جي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.