نيوزيلينڊ ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ هلندڙ سال ڀارت ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نيوزيلينڊ طرفان اعلانيل پندرنهن رُڪني اسڪواڊ جي قيادت تجربيڪار رانديگر ڪين وليمسن ڪندو.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ طرفان سينيئر پليئر ٽِم سائوٿي کي چوٿون ڀيرو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ لاءِ چوندو ويو آهي، هو ورلڊ ڪپ لاءِ ڪيوي ٽيم جو نائب ڪپتان هوندو.

Image

اعلان موجب، لوگي فرگوسن، جمي نيشام، مچل سينٽنر ۽ اش سوڌي به ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو هوندا، جڏهن ته ٽرينٽ بولٽ ۽ ميٽ هينري به نيوزيلينڊ طرفان ٽيون ڀيرو عالمي ڪپ کيڏندا.

اعلانيل اسڪواڊ ۾ ڊيرل مچل، مارڪ چيپمين، ڊيون ڪانوي ۽ گلين فلِپس جا نالا پڻ شامل آهن، جيڪي پهريون ڀيرو ون ڊي ورلڊ ڪپ کيڏندا.

نيوزيلينڊ طرفان رچن رويندرا ۽ وِل ينگ کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪي پهروين ڀيرو ڪنهن به فارميٽ جي ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.