ڊپريشن کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سوليون ورزشون

زندگي جي وڌندڙ مسئلن انسان کي ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن اوهان سان به ائين ٿي رهيو آهي ته ڪجهه سوليون ورزشون ڪري ان مسئلي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھو ٿا.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ذهني دٻاءُ جيڪو ڊپريشن جو ئي هڪ قسم آهي هونئن ته ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا ۽ اهو ڪنهن به عمر ٿي سگھي ٿو پر وڏو سبب زندگي جا وڌندڙ مسئلا هوندا آهن. اهو ايترو خطرناڪ مرض آهي جو دنيا ۾ فوتگين جو وڏو سبب ڊپريشن هوندو آهي.

جيڪڏهن اوهان به ذهني دٻاءَ يا ڊپريشن جو شڪار آهيو ته فوري طور تي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو ۽ ڊپريشن کان بچاءَ جون تدبيرون اپنايو. اسان اوهان کي ذهني دٻاءَ گھٽائڻ لاءِ ڪجهه سوليون يوگا ورزشون به ٻڌائينداسين جيڪي انسان جي ذهني دٻاءَ کي گھٽائي انهن ۾ پرسڪون احساس پيدا ڪن ٿيو.

پر ذهني دٻاءَ کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرون ۽ يوگا ورزشون ڪرڻ کان اڳ ڊپريشن ۾ مبتلا هجڻ جون ڪجهه علامتون ڄاڻي وٺو.

مٿي ۾ سور

مٿي ۾ سور گھڻي ڪم، نزلي زڪام، ننڊ پوري نه ٿيڻ سبب به ٿيندو اهي پر ماهرن موجب مٿي جي سور جو سبب گھڻو ڪري ذهني دٻاءُ هوندو آهي. انزائٽي مٿي جي سور جو سڀ کان وڏو سبب آهي ڇو جو ڊپريشن سبب ٿيندڙ مٿي جو سور فڪر ۽ ڳڻتي پيدا ڪندڙ مختلف حالتن سبب ٿيندو آهي.

پٺن جي تڪليف

جيڪڏهن اوهان جا پٺا ڇڪجي رهيا آهن ته اهو ڊپريشن جو سبب ٿي سگھي ٿو ڇو جو جيڪڏهن اوهان لاڳيتو دٻاءَ واري ڪيفيت ۾ هوندا ته اوهان جي پٺن کي آرام جو موقعو نه ملندو. جيڪڏهن پٺا سخت ٿي وڃن ته اهي مٿي جي سور، چيلهه، ڪُلهي ۽ ٻين جسماني سورن جو سبب بڻبا آهن.

ٽائپ ٽو شگر

ذهني دٻاءُ يا ڊپريشن سان ٽائپ ٽو شگر جو خطرو وڌي ويندو آهي ڇو جو ذهني دٻاءَ سبب توانائي جي هٿي لاءِ جيرو اضافي کنڊ پيدا ڪندو آهي ۽ غير استعمال ٿيل رت ۾ موجود کنڊ ٻيهر جسم ۾ جذب ٿي ويندي آهي تنهنڪري جيڪڏهن اوهان مستقل ذهني دٻاءَ جو شڪار رهندا ته اوهان جو جسم اضافي کنڊ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿيندو جنهن جي ڪري ٽائپ ٽو شگر جو خطرو وڌي ويندو آهي.

هاضمي جي نظام جي خرابي

جيڪڏهن ڪو ڊپريشن ۾ مبتلا هجي ته اهڙي صورت ۾ هارمون جي تبديلي، ساهه تيز کڻڻ سان وڌندڙ دل جو ڌڙڪو ان جي نظام کي متاثر ڪندا آهن جنهن سبب اُلٽي، پيٽ جو سور، قبض، ڊائريا، سيني ساڙو ۽ تيزابيت جا امڪان وڌي ويندا آهن. ڊپريشن السر جو سبب ناهي بڻبو پر جيڪڏهن ذهني دٻاءَ کان اڳ ڪو السر جو مرض هجي ته اسٽريس ان کي وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ بڻائي سگھي ٿو.

هن وڊيو ۾ اوهان ڊپريسن کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ ورزشون ڏسي سگھو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.