اهي عادتون جيڪي اوهان کي سَنڌَن جي مرضن جو شڪار بڻائين ٿيون

ڇا اوهان سنڌَن جي سور ۾ مبتلا آهيو؟ جيڪڏهن ها ته اوهان اڪيلا ناهيو حقيقت ۾ عمر جي چوٿين ۽ پنجين ڏهاڪي ۾ گھڻا ماڻهو ان تڪليف کي منهن ڏيندا آهن.

حقيقت ۾ عمر وڌڻ سان گڏوگڏ هڏا به ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن جنهن سبب سنڌن جو سور ماڻهن کي پنهنجو شڪار بڻائي ڇڏيندو آهي.

عام ڪري اهو مرض رت ۾ يورڪ ايسڊ ڄمڻ جي نتيجي ۾ ٿيندو آهي.

اهو يورڪ ايسڊ عام طور تي رت ۾ ٽٽي بُڪين جي رستي پيشاب ذريعي نڪري ويندو آهي پر جڏهن جسم ۾ ان جو مقدار وڌيڪ بڻجڻ لڳي ته بُڪيون ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ناڪام ٿي وينديون آهن.

ان جي نتيجي ۾ اهو سنڌن ۾ ڪرسٽل جي شڪل ۾ ڄمڻ لڳندو آهي جنهن سبب سنڌَن ۾ سور ٿيندو آهي.

سنڌَن جي مرضن جا مختلف قسم آهن ۽ لڳ ڀڳ سڀني ۾ ورم جو ڪردار اهم هوندو آهي.

پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ڪجهه عام عادتون ۽ شيون به سنڌَن جي مرضن جو شڪار بڻائڻ جو سبب بڻجن ٿيون؟

گھڻي جسماني ورزش

سنڌَ اسان جي هڏن سان سلهاڙيل هوندا آهن ۽ ڳري بار جي حوالي سان حساس هوندا آهن.

جسماني وزن ۾ هر 400 گرام جي واڌ سان گوڏن تي لڳ ڀڳ 2 ڪلوگرام دٻاءُ وڌي ويندو آهي.

ائين ئي چيلهه، ڪُلهن ۽ پيرن سان به ٿيندو آهي ۽ هوريان هوريان انهن کي نقصان رسندو آهي جنهن سبب تڪليف ٿيڻ لڳندي آهي.

ٿولهه سان جسماني ورم به وڌندو آهي ۽ جئين مٿي بيان ڪيوسين ته ورم سنڌَن جي تڪليف جو اهم عنصر آهي.

گھڻا فون ميسيج ٽائپ ڪرڻ

موجودهه دور ۾ ماڻهو فون تي گھڻا ٽيڪسٽ ميسيج موڪليندا آهن جنهن دوران آڱرين جي پوزيشن قدرتي ناهي هوندي.

اهڙيءَ طرح فون کي جُهڪي ڏسڻ سان ڪنڌ ۽ ڪُلهن تي دٻاءُ وڌندو آهي.

ڊگھي کُڙيءَ وارا جوتا پهرڻ

عورتن کي اهي جوتا گھڻا پسند هوندا آهن پر انهن سان پيرن تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي جڏهن ته رانن جي پٺن کي به گوڏن کي سڌو رکڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي، جنهن سان تڪليف جو احساس ٿيندو آهي.

اهڙاجوتا پهري گھمڻ دوران هر وِکَ سان گوڏن تي دٻاءُ پوندو آهي جنهن سان هڏا ڪمزور ٿيندا آهن.

آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ

آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ جي عادت سان جوڙن جي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر پوءِ به بهتر آهي ته ان کان پاسو ڪيو وڃي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ان عادت جي نتيجي ۾ هٿ سُڄي سگھي ٿو ۽ ان جي گرفت به ڪمزور ٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو.

ڳري ٿيلهي يا بيگ جو استعمال

اها پرس هجي، بيڪ پيڪ يا ڪا به بيگ، انهن ۾ گھڻو سامان ڀرڻ سان ڪنڌ ۽ ڪُلهن ۾ تڪليف ٿي سگھي ٿي.

گھڻي بار سان ڪُلهن ۽ گھمڻ دوران جسم جو توازن خراب ٿي ويندو آهي، خاص طور تي جيڪڏهن اوهان هڪ ڪُلهي تي بيگ ٽنهگي گھمندا آهيو.

غلط پٺن کان ڪم وٺڻ

جيڪڏهن اوهان گھڻو وزن ننڍن مسلز تي وجهندا آهيو ته ان جي قيمت سنڌن کي ادا ڪرڻي پوندي آهي.

جيڪڏهن اوهان ڳرو در کولڻ چاهيو ٿا ته آڱرين بدران ڪُلهي سان ان کي ڌِڪو ڏيو.

جيڪڏهن فرش تان ڪا به شيءِ کڻي رهيا آهيو ته پهريان گوڏن کي موڙيو ۽ ان شيءءِ کي ڄنگھن جي مضبوط مسلز سان مٿي کڻو.

جيڪڏهن ڪا شيءِ هٿ ۾ کڻي وڃي رهيا آهيو ته ان کي آڱرين بدران هٿ جي تِريءَ سان کڻو.

اونڌو سمهڻ

ان انداز سان سمهڻ سان ڪرنگهي جي هڏي تي دٻاءُ پوندو آهي جڏهن ته چهري کي به هڪ پاسي گھڻي دير تائين رکڻو پوندو آهي جنهن سان پڻ جوڙن ۽ مسلز تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي.

سگريٽ ڇڪڻ

سگريٽ ڇڪڻ جسم جي ڪيترن ئي عضون لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ اها عاد سنڌَن جي مرضن جو سبب بڻبي آهي.

تماڪ ۾ موجود نڪوٽين سان هڏن لاءِ رت جو وهڪرو محدود ٿي ويندو آهي جڏهن ته ڪيلشيئم جي سطح به گھٽجي ويندي آهي.

ننڊ جي کوٽ

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جوڙن جي مرضن جو شڪار ماڻهن کي ننڊ نه اچڻ سبب وڌيڪ تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

ماهرن جي خيال ۾ ننڊ جي کوٽ سان جسم ۾ ورم سرگرم ٿي ويندو آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ سنڌن جي مسئلن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

ويهڻ جو انداز به اهم آهي

جڏهن اوهان ڪرسي تي چيلهه کي اڳتي جهڪائي ويهندا آهيو ته پٺن ۽ جوڙن تي دٻاءُ وڌندو آهي ۽ ٿَڪَ جو شڪار ٿي ويندا آهن.

ته ڪرسي تي چيلهه سڌي رکي ويهڻ جي ڪوشش ڪريو.

تڪليف کي نظرانداز ڪرڻ

جيڪڏهن ورزش يا جسماني مشقت کان پوءِ جوڙن ۾ تڪليف برقرار رهي يا سوڄ سبب انهن جي حرڪت ڏئي ٿي وڃي ته ان کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي.

جيڪڏهن اها تڪليف ختم نه ٿئي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.