ڪامياب ٿيڻ لاءِ هي 8 ڪم ضرور ڪريو!

ڪامياب ٿيڻ ڪنهن کي پسند نه آهي؟. پر زندگي ۾ ڪجهه ننڍيون ننڍيون ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جن کي اسان عام طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون جيتوڻيڪ اهي ئي ننڍيون ننڍيون شيون اسان جي ڪاميابي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون.

ماهرن موجب 8 ڪم اهڙا آهن جيڪي ظاهري طور تي معمولي آهن ۽ انهن لاءِ ڪا به مشقت گھربل نه آهي پر اهي اوهان کي ڪامياب بڻائي سگھن ٿيون.

زندگي ۾ ظابطا آڻڻ لاءِ صبح جون عادتون تمام اهم اهن، پلاننگ سان ڏينهن جي شروعات ڪئي وڃي ته گھڻا ڪم سولا ٿي سگھن ٿا.

صبح جي سوير اٿڻ، ورزش ڪرڻ، صحتمند نيرن ڪرڻ، مقصدن جو تعين ڪرڻ، ترجيحي ڪمن جي لسٽ ڄاڻايل سڀني ڳالهين جو خيال رکي اوهان پنهنجي زندگي کي سٺي طريقي سان منظم ڪري سگھو ٿا.

صبح جي جلدي اٿڻ

طئي ٿيل وقت تي ننڊ مان جاڳڻ سان ڏينهن جي شروعات ڪريو ۽ ڏينهن لاءِ هاڪاري ٽون کي سيٽ ڪريو.

مراقبو

مراقبو ذهني سڪون ۽ دماغ کي تازو رکڻ جو بهترين طريقو آهي. ناڪاري شين يا ڳالهين کان پري رهي به پنهنجا ڪم اُڪلائي سگھجن ٿا.

ورزش کي روٽين بڻايو

سڄي ڏينهن جي سرگرمين سان سلهاڙيل رهڻ لاءِ پنهنجي جسم کي توانائي ڏيو. جسم کي چست ۽ صحتمند رکڻ لاءِ صبح جو پنڌ (واڪ) ضرور ڪرڻ گھرجي.

صحتمند نيرن

سڄي جي خالي پيٽ کي صحتمند نيرن سان ڀرپور ۽ سڄو ڏينهن تندرست رهو.

مقصدن جو تعين ڪريو

صبح جي ترجيحي ڪمن جي لسٽ تيارڪريو. مقصدن جو تعين اوهان جي زندگي ۾ ظابطو آڻيندو.

ترجيحي ڪم

سڄي ڏينهن جي ڪمن کي آرگنائز ڪريو. سڀ کان اهم ڪم تي سڀ کان اڳ ۾ ڌيان ڏيو ۽ اٽرائتي ٽائيم مئنيجمينٽ جي ذريعي ظابطن کي هٿي ڏيو.

اسڪرين ۽ سوشل ميڊيا کان پري رهو

اڪثر ڏٺو ويو آهي ته صبح جو اٿندي ئي پهريون ڪم موبائيل يا سوشل ميڊيا جو جائزو وٺڻ هوندو آهي. جيتوڻيڪ اهو نه رڳو اوهان جو وقت ضايع ڪندو آهي پر ذهن به مونجهارن جي ور چڙهي ويندو آهي.

وقت جو قدر ڪرڻ سکو

پنهنجي صبح جي وقت جو هڪ حصو تعميري هنر يا سرگرمي سکڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو اهو عمل ذاتي واڌ ويجهه ذريعي نظم و ضبط جي رهنمائي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.