هڪ هزار ڪرپٽ شخصيتن جا نالا اي سي ايل ۾ داخل

لاهور (عوامي آواز نيوز)  معاشي بحالي مهم زورن سان جاري آهي. نتيجي ۾ ڊالر جي قدر ۾ لڳاتار لاٿ ۽ رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿي رهيو  اهي. چورن ۽ ڪرپٽ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ واري آهي. اٽڪل هڪ هزار اهم شخصيتن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا آهن.نامياري صحافي مبشر لقمان جو چوڻ آهي ته هڪ هزار جي فهرست ۾ اڳوڻن وزيرن، ڪامورن، صنعتڪارن، مني چينجرن ۽ ڪرنسي ڊيلرن جا نالا شامل آهن. اڃا باضابطا ڪارروائي شروع نه ٿي آهي، ان باوجود ڊالر جي چيلهه ڀڄي پئي آهي. ڊالر خريدڻ ۽ وڪڻڻ وارا غائب ٿي ويا آهن. اها سختي  جاري رهي ته ڊالر ٽڪي ٽوڪري ٿي ويندو ۽ عوام کي به رليف ملڻ شروع ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.