ماهوار 10 ملين ليٽر ايراني تيل اسمگل، ملٽري پوليس جي في قافلي کان ڏيڍ ڪروڙ وصولي

اسلام آباد (م ڊ) ايراني تيل جي پاڪستاني اسمگلنگ بابت ڳجهي اداري جي رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن، سامهون ايندڙ رپورٽ موجب هر مهيني 10 ملين ليٽر ايراني تيل پاڪستان ۾ اسمگلنگ  ڪيو ويندو آهي. تيل ايراني بارڊر کان لاڳاپيل علائقن رکهني، لورالائي، ميختر ۽ بوانا ڏانهن اسمگلنگ ٿيندو آهي جتان کان ٽرڪ ۽ ٽينڪر سخي سرور چيڪ پوسٽ ڊي جي خان ۾ گڏ ٿيندا آهن جنهن کان پوءِ تيل جي سپلاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪئي ويندي آهي، بارڊر ملٽري پوليس جا اهلڪار 100 کان 150 ٽرڪن جي قافلي کان ڏيڍ کان 2 ڪروڙ روپيه وصول ڪندا آهن. هڪ ٽينڪر ۾ 8 کان 10 هزار ليٽر تيل موجود هوندو آهي. موٽر وي تي چيڪنگ نه ٿيڻ سبب اسمگلنگ جو رستو آسان ٿي ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.