عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن:گورنر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان نگران صوبائي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ صوبي ۾ امن امان، ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي، سي  سي ٽي وي ڪيمرائن جي لڳائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن محرم الحرام ۽ چهلم جي جلوسن ۽ مجلسن جي سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. هن چيو ته شهر قائد مان اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، هن چيو ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، پوليس جي گشت ۾ اضافو ڪيو وڃي، علائقن ۾ پوليس جو گشت وڌايو وڃي.  نگران صوبائي گهرو وزير ۽ جيل واري وزير سنڌ جي گورنر کي پنهنجي کاتي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.