غوثپور ڀرسان نوجوان جي اغوا جي تصديق، 15 لک ڀنگ طلب

غوثپور(رپورٽ: عبدالجبار اوڳاھي) چار ڏينهن اڳ ڳوٺ غلام قادر شيخ جي رهواسي  شاهد شيخ جي اغوا جي تصديق ٿي  وئي، ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کان فون ڪري 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتي، ڌاڙيلن پاران وارثن کي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، ڀنگ واري رقم نه ڏيڻ تي مغوي شاهد شيخ جو ڌاڙيلن پاران پاران لاش اماڻڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني وئي آهي،مغوي شاهد شيخ جي وارثن جو چوڻ آهي ته انتهائي غريب آهيون هن مهانگائي جي دور  ۾ پيٽ پالڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ڀنگ واري رقم 15 لک ڏيڻ جي سگھه ناهي، مغوي شاهد شيخ جي وارثن  ڌاڙيلن کي منٿون ڪيون ته اسان غريب ۽ مسڪين پورھيت آھيون روز مزدوري ڪري پيٽ جو سفر گذر ڪندا آهيون اسان مٿان رحم کائي مغوي واپس ڪريو، وارثن نگران حڪومت توڙي ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي اسانجي نوجوان شاهد شيخ کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ڳڻتي ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.